شمائل نبوي سنڌي

شمائل نبوي سنڌي (ڪتاب): هيءُ ڪتاب مخدوم عبدالسلام جو تاليف ڪيل آهي. ڪتاب ۾ حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي سيرت مبارڪ جو بيان آهي. ڪتاب اصل ۾ ٽين صدي جي مشهور ۽ نامور محدث امام ترمذيءَ جي لکيل ڪتاب ‘شمائل النبويءَ’ جو عربيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو آهي. ڪتاب ۾ حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي اخلاق مبارڪ، صورت مبارڪ ۽ سيرت مبارڪ جو بيان ڪيو ويو آهي. امام ترمذيءَ جو لکيل هيءُ ڪتاب حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي حيات مبارڪ توڙي سيرت جي بيان جي بنسبت معتبر ۽ مستند ڪتاب تسليم ڪيو وڃي ٿو. ترجمي نگار ڪتاب جي مضمون سان خوب نڀايو آهي ۽ ڪتاب جو ترجمو سلوڻي انداز سان ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب ادبي مدرسن ۾ نصاب طور پڻ پڙهايو وڃي ٿو. هن مجموعي جا ڪيترين ئي ٻين زبانن ۾ ترجما ۽ شرحون پڻ لکجي چڪيون آهن. مخدوم عبدالسلام ڪتاب جو ترجمو سنڌي ٻوليءَ جي لاڙي لهجي واري آميزش رکندڙ اسلوب ۾ ڪيو ويو آهي، جيڪو پڙهڻ سان هيڪاري وڌيڪ زيبائتو لڳي ٿو.
هيءُ ڪتاب 1197هه/1738ع ڌاري ترجمو ڪيو ويو، جنهن ۾ مجموعي طور 300 صفحا آهن. ڪتاب ترجمي نگار پاران بمبئي ليٿو تان ڇپرايو ويو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو